تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** شهزاد راءِ **

شهزاد راءِ: پاڪستاني پاپ گلوڪار ۽ فلاحي ڪارڪن شهزادراءِ، 16 فبروري 1977ع تي، ڪراچي، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. تعليم پرائڻ بعد هن پنهنجي گلوڪاريءَ جو آغاز 1995ع ڌاري ڪيو. سندس پهريون ڪئسيٽ البم ‘زندگي’ هو. جنهن بعد ‘درشن’ (1997ع)، ‘تيري صورت’ (1999ع)، ‘بري بات’ (2002ع) آڊيو وڊيو ڪئسيٽ البم رليز ٿيا. سندس ڳائڻ جي منفرد انداز کيس مداحن ۾ مقبوليت ڏياري. هن رومانوي گيتن کي پاپ انداز ۾ ڳائڻ جي روايت کي عام ڪيو. سندس گانا، ‘سالي تو ماني نهين’، ‘تيري صورت نگاهون مي ڦرتي رهي’ ۽ ‘ڪنگنا’ تمام گهڻو مقبول ٿيا.

2002ع ۾ هن ‘زندگي ٽرسٽ’ نالي هڪ فلاحي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان 2005ع جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ بين الاقوامي گلوڪار برائن ائڊم سان گڏجي ميوزڪ ڪنسرٽ ڪرائي چندو گڏ ڪيو. 2007ع ۾ هن راڳ جي راڻي عابده پروين سان گڏجي هڪ گيت ‘زندگي’ ڳايو، جيڪو تعليمي ميدان ۾ برابريءَ جي حق تي هو. 2008ع ۾ هن سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مشتمل گيت ڳائڻ شروع ڪيا. جنهن ۾ سندس البم ‘قسمت اپني هاٿ مين’ رليز ٿيو، ان ۾ شامل گاني ‘لگا رهه’ گيت کيس منفرد سڃاڻپ ڏني. هن 2011ع ۾ اردو ‘جيو چينل’ تي بلوچستان جي هڪ....وڌيڪ پڙهو